ڇا ته شخص هو

ڇا ته شخص هو

ڇا ته شخص هو

ڇا ته شخص هو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور قومي اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر جو تحرير ڪيل آهي، جنهن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي شخصيت بابت سندس ويچار شامل آهن. ڪتاب جو هڪ حصو سائين جي. ايم. سيد اڳ ۾ الڳ ڪتابي صورت ۾ ڇپيل هو، جنهن کي ’ڇا ته شخص هو‘ ۽ ’آڻ نه مڃي مور‘ جي اضافن سان مذڪوره ڪتاب کي انهيءَ نالي سان شايع ڪرايو ويو آهي. عبدالواحد آريسر جو هيءُ ڪتاب سائين جي. ايم. سيد جي شخصيت جي هر پهلوءَ کي اجاڳر ڪري ٿو. هيءُ ڪتاب هڪ دور جــي تــاريـــخ آهي. ڪــتاب ۾ ڌار ڌار عنوانن سان مضمون ڏنا ويا آهن، جن ۾: ’هڪڙو ملڪ هو، هڪڙو ماڻهو هو‘، ’منزل کي منزل جو ڏس ڏيندڙ ڇا ته عجيب شخص هو‘، ’لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري‘، ’هن جي ياد جي وري آ وير‘، ’ڇا ته عجيب شخص هو‘، ’جي. ايم. سيد ڏانهن حڪمرانن جو رويو‘، ’جي. ايم سيد ۽ جناح‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ڪتاب ۾ سائين جي. ايم. سيد جي ٻاجهاري شخصيت، جدوجهد، ڪردار، سياسي شخصيتن سان تقابلي ڀيٽ، ليکڪ پاران پنهنجي بي انتها عقيدت ۽ عشق توڙي سائين جي. ايم. سيد سان گذاريل يادگيرين جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب سائين جي. ايم. سيد جي نياڻي ’جيجي در شهوار سيد‘ جي نالي ڪيل آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ اداري پاران ’ٻه اکر‘ جو نوٽ ۽ سنڌ جي لافاني شاعر نياز همايونيءَ جو سائين جي. ايم. سيد تي چيل هيٺيون شعر درج آهي.
موت جو به عشق هو ۽ زندگيءَ ڇڏيو نه ٿي
هو به ڇا ته شخص هو، جو عاشقيءَ ڇڏيو نه ٿي
ڊيمي سائيز ۾، پڪي جلد سان 280 صفحن تي مشتمل چار رنگي ٽائيٽل سان، هيءُ ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2004ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جنهن جي قيمت 160 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو